ٽن قبن واري مسجد

ٽن قبن واري مسجد: هي مسجد ڳوٺ ستار ڏني شاهه ، جاتي- سجاول رستي تي بيگنا شهر کان هڪ ڪلوميٽر اتر طرف واقع آهي . هي ڳوٺ اڻويهين صديءَ ۾ چڱو آباد هو . ڪڇ کان ايندڙ قافلا هتي ترسندا هئا يا ڪڇ کان لاهيارا اچي هتي رهي پوءِ سنڌ يا ڪڇ ڏي واپس ويندا هئا . هي ڳوٺ باغات کان به مشهور هئي . هتي دڙن کانسواءِ هڪ مسجد بچي آهي ، جنهن کي ٽي قبا ڏنل آهن ۽ زبون حال آهي . تعميرات جو نمونو ٻڌائي ٿو ته اها ڪلهوڙن جي دور ۾ ٺهي هوندي .


لفظ ٽن قبن واري مسجدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو